سنڌ ٽائيمز

سنڌ ٽائيمز (هفتيوار/ روزانه): محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ادارت ۾ هن اخبار جو هفتيوار ايڊيشن 1970ع ڌاري پڌرو ٿيو. مئي 1971ع ۾ هيءَ اخبار پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ترجمان طور روزانه ٿي. 1981ع ڌاري ڏيپلائي صاحب جي وفات کانپوءِ ڪجهه عرصو سندس فرزند عبدالرحمان ڏيپلائي انهيءَ اخبار کي هلائيندو رهيو. ڪجهه عرصو بند رهڻ کانپوءِ انهيءَ کي 1987ع ۾ عبدالرحمان ڏيپلائيءَ وري شروع ڪئي ۽ 1992ع ۾ نون مالڪن جي حوالي ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو